ريفارميشن تحريڪ

ريفارميشن تحريڪ (Reformation): هڪ حيات سڌار تحريڪ، جنهن 16 صدي عيسويءَ ۾ رومي ڪليسا جي خرابين جي اصلاح وارو ڪم ڪيو ۽ يورپ ۾ وڏو ذهني انقلاب آيو. 16 صديءَ جي شروعات ۾ يورپ جا سمورا عيسائي رومن ڪئٿولڪ هئا، جيڪي وڏي پادريءَ/ پوپ جي روحاني حڪمرانيءَ کي قبول ڪريو ويٺا هئا، پر 14 صدي عيسويءَ کان ئي منجهن ڪي ماڻهو اهڙا پيدا ٿيا، جن پادرين جي انهيءَ پاپايت يا عيسائي ملائيت جي اداري جي بداعمالين ۽ بدعنوانين تي آڱريون کنيون ۽ ماڻهن ۾ اندر ئي اندر انهن خلاف بيچيني پيدا ٿيندي رهي، جنهن آخرڪار 1517ع ۾ ان وقت ڦاٽ کاڌو، جڏهن آگسٽيني فرقي جي هڪ جرمن پادريءَ مارٽن لوٿر، رومي ڪليسا کي سندس پيش ڪيل 95 نڪتن جي حوالي سان چئلينج ڪيو. لوٿر پادرين کان سندن عياشين، نفس پرستي، گناهگارن کي معافيون وڪڻڻ بابت پڇا ڪرڻ لاءِ وٽنبرگ ڪاسل واري وڏي ڪليسا جي دروازي تي اهي نڪتا چنبڙائي ڇڏيا. ان دور ۾جرمنيءَ ۾ زرعي طور بدحالي هئي ۽ غريب هاري ۽ ننڍا زميندار وڏن زميندارن، خاص ڪري ڪليسائي وڏيرن جي خلاف هئا، جيڪي ڪليسا جي سموري دولت تي قابض هئا. ان وقت يورپ جي اڪثر ملڪن، جيئن انگلنڊ جي ٽيوڊر واري مضبوط مرڪزي بادشاهت کي پڻ لوٿر جي چئلينج واري بهاني سان موقعو ملي ويو ته هو پاپائيت (عيسائي ملائيت) جي مداخلت کان جان ڇڏائين ۽ وئٽيڪن کي ٽيڪسن جي صورت ۾ ادائگين کان ڇٽي پون. هنن کي مارٽن لوٿر جي روپ ۾ پنهنجا سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ۽ هنن کي عيسائي ملائيت جي دنياوي فائدن وٺڻ جي مخالفت جو جواز ملي ويو.
مارٽن لوٿر جو پيغام خالص روحاني هو ۽ هن صرف عقيدي جو جواز قبول ڪندي نعرو هنيو ته ‘The priesthood of all believers’ معنيٰ ته ايمان وارا پاڻ ئي پادري آهن. عاقبت سنوارڻ ۽ دائمي نجات لاءِ مذهبي طريقن جي رسمي بجا آوري ڪم ڪانه ايندي، ۽ انسان جيڪڏهن صرف خدا ۾ ايمان رکي ان جي طرفان بخشش ملڻ ۾ يقين رکي ته اهو جائز آهي ۽ خدا سان سڌي تعلق ۽ آسماني ڪتاب جي سچ ذريعي هو پاڻ ئي پنهنجي لاءِ پادري (يا عيسائي ملي) جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڪليسا جي مذهبي پيشوائن جي رواجن جي پوئواري روحاني صحت لاءِ ڪا اهميت نٿي رکي.
مارٽن لوٿر کي مذهبي طبقن اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کان باز رکڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر هو نه مڙيو ۽ پروٽيسٽنٽ خيال پروان چڙهندو رهيو. بائيبل کي لاطينيءَ کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ پڙهڻ لائق بنايو ويو ته اهو گهڻن ماڻهن تائين پهتو ۽ ماڻهن لاءِ ڪليسا ۽ ملائيت جي اهميت گهٽجندي وئي. اتر يورپ ۾ اهو فرقو وڌندو رهيو. ائين يورپ مان عيسائي ملائيت جو گهڻو زور ٽٽي ويو.
ريفارميشن جي تحريڪ جا بعد ۾ سياسي، سماجي ۽ مذهبي حوالي سان دُور رس نتيجا حاصل ٿيا ۽ يورپ جي ڪايا ئي بدلجي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو